ايران جي حخمانيشي سلطنت فرمانروائن جو عظيم الشان دارالسلطنت جيڪا شیراز کان چاليھ ميل شمال مشرق ۾ واقع آھي- شاھي محلان جا کنڊرات ھاڻي بہ قديم فن تعمير جو بھترين نمونو پيش ڪرن ٿا۔ هتي ڪثرت سان پٿرن جا مجسما ، زيورات ۽ ٿانو وغيره کوٽڻ ۾ مليا آھن۔ سڪندر اعظم جن دارا سوم کي شڪست ڏيئي هن شهر کي باھ ڏئي ڇڏي ۽ ويران ڪري ڇڏيو۔