نيشنل گئلري آف ڪيناڊا: National Gallery of Canada (French: Musée des beaux-arts du Canada) گاديءَ واري شھر اوٽاوا، اونٽاريو ۾ واقع ڪيناڊا جي سڀ کان وڏي آرٽ گئلري آھي. ھن وقت اھا شيشي ۽ گرينائيٽ جي عمارت ۾ قائم ٿيل آھي. 1980 کان گئلري کر سمائندڙ اھا عمارت موشي سفديئي نالي آرڪيٽيڪٽ تيار ڪئي
نيشنل گئلري ڪئناڊا جو سڀ کان وڏو آرٽ ميوزيم آھي.ھن جو بنياد 1880 ۾ پيو ان وقت ھن گئلري ۾ صرف ھڪ فنپارو ھيو جنھن بعد گذريل 140 سالن ۾ فنپارن ۽ آرٽ جي شاھڪارن جا 75000 نمونا گڏ ٿي ويا آھن جنھن کان علاوه ھڪ وڏي لائبرري پڻ موجود آهي